راشدي سيد بدرالدّجيٰ شاهه

راشدي، سيد بدرالدّجيٰ شاهه: نامور حڪيم سيد بدر الدّجيٰ شاهه راشديءَ جو جنم 1909ع ڌاري پير جو ڳوٺ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. سندس والد شاهه محمد شاهه'>سيد شاهه محمد شاهه راشدي به پنهنجي دور جو نامور حڪيم ٿي گذريو آهي. کيس حڪمت ورثي ۾ مليل هئي.بدرالدّجيٰ راشديءَ جا پير حسام الدين شاهه راشديءَ سان گهرا تعلقات هئا. جڏهن به سيد حسام الدين شاهه راشدي نئين ديري ايندو هو ته وٽس ضرور ويندو هو. بدرالدّجيٰ جي هٿ ۾ شفا رکيل هئي، جنهن سبب سندس دوا خاني ۾ ميڙ متل هوندا هئا. ڊاڪٽر اينيمري شمل سان به سندس ملاقات ٿي، سيد بدرالدّجيٰ شاهه جا اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀُٽي سان به ويجھا تعلقات هئا. شهر جي اهم مسئلن ۽ معاملن بابت کانئس صلاح مشورا وٺندو هو. وچ شهر ۾ سندس مشهور دواخانو هوندو هو، سندس نالو حڪمت سبب ڏيهان ڏيهه مقبول ٿيو. سندس فرزند امام راشدي سنڌ جو ناليوارو اديب ۽ محقق آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو